ٻڍل جو رسالو

ٻڍل جو رسالو عرف رسالو ٻُڍل فقير (ڪتاب ):هن رسالي جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1941ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو آنندرام طوطلداس راڄاڻي ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جنهن ۾ سندس 1939ع تائين جو ڪلام سهيڙيل آهي. ان ۾ ٻڍڙي فقير جي سوانح به شامل آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو ٻُڍل فقير جي سجاده نشين ميان عبدالڪريم جي هدايت تي راڄاڻي صاحب 1976ع ۾ مولوي محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب شاهي بازار شڪارپور طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 192 صفحا آهن ۽ آخر ۾ 33 صفحن جي لغت (ڏکين لفظن جي معنيٰ) به ڏنل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو